ملير(رپورٽر) ملير مان گم ٿيل ٻارڙيءَ جو تشدد ٿيل لاش هٿ، 2 شڪي گرفتار، ان ڏس ۾بن قاسم ٿاڻي جي حد ۾ داتا نگر مان 3 ڏينهن اڳ گهران شيءِ وٺڻ لاءَ نڪرڻ بعد گم ٿيل 6 ورهين جي معصوم ٻارڙي فريحه ڌيءِ محمد اعظم جو تشدد ٿيل لاش پاڻي جي نالي مان هٿ آيو، بن قاسم پوليس لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي بعد جناح اسپتال منتقل ڪيو، ٻئي طرف ايس ايڇ او بن قاسم فهد حسين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان شڪ جي بنياد تي 2 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو آهي، هن چيو ته ٻارڙيءِ جي جسم تي تشدد جا نشان هئا، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد صورتحال واضح ٿيندي.