ملير (رپورٽر) ملير جي علائقي گهگهر مان 4 سال اڳ کنڀي گم ڪيل پٺاڻ خان زهراڻي جي فرزند ءِ سنڌ سجاڳي فورم ضلعي ملير جي اڳواڻ عرفان زهراڻي جي گرفتاري  رحيم يار خان ۾ ظاهر ڪئي وئي عرفان زهراڻي مٿان چرس جو ڪيس داخل ڪيو ويو عرفان زهراڻي کي گهگهر مان کنڀي گم ڪيو ويو هو، جنهن لاءِ سندس گهرڀاتين پاران احتجاج ڪيا ويا. جنهن بعد کيس رحيم يار خان پنجاب ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي سندن گهرڀاتين عرفان زهراڻي کي ظاهر ڪرڻ بابت معلومات ڏني. جڏهن ته عرفان زهراڻي جي پيرسن پيءُ پٺاڻ خان زهراڻي کي اڃا تائين ظاهر نه ڪيو ويو آهي.