ملير (رپورٽر)ملير جي قائدآباد ٿاڻي تي جوڊيشل مئجسٽريٽ جو ڇاپو: ناحق باندي بڻايل شھري بازياب، ايس ايچ او ۽ 2 اھلڪار معطل،  ان ڏس ۾  قائدآباد واسي شھري حسن کي پوليس اهلڪارن پاران کنڀي آزادي لاء 5 لک گهرڻ ۽ رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ منشيات جو ڪيس داخل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيڻ تان سندس زال ماھم ملير جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي، جنهن تي ملير جي جوڊيشل مئجسٽريٽ قائدآباد ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ٽارچر سيل ۾ قيد ڪيل شھري کي بازياب ڪرايو مئجسٽريٽ پاران ايس ايڇ او اشرف جان کي اڄ رڪارڊ سميت طلب ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ايس ايس پي ملير حسن سردار قائدآباد ٿاڻي جي ايس ايچ او ۽ ٻن اھلڪارن کي معطل ڪري ڊي ايس پي قائدآباد کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو آهي