ملير(رپورٽر) ملير جي اسٽيل ٽائون پوليس هڪ ڏينهن اڳ کنڀيل اشرف ڪلمتي کي گلشن حديد ويجهو مقابلو رچائي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ايس ايچ او خالد عباسي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان اشرف کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد کيس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ پسٽل هٿ ڪري ورتو، پوليس موجب اشرف پارڪو جي  پائيپ لائين مان ٿيندڙ تيل چوري جو ماسٽر مائينڊ آهي، سندس چئن ساٿين کي ٻه ڏينهن اڳ ولي ٽائون وٽان تيل چوري ڪندي گرفتار ڪيو ويو هو ،ٻئي طرف اشرف ڪلمتي جي زال بينظير ۽ ٻارڙن ٻڌايو ته جمعي جي رات جو پوليس اشرف کي گهران گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو هو، اسان گذريل ڏينهن احتجاج ذريعي خدشو ظاهر ڪيو هو ته کيس ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو ويندو، هنن چيو ته جڙتو مقابلي جي عدالتي جاچ ڪرائي محمد اشرف کي آزاد ڪيو وڃي.