ملير ( رپورٽر)  ملير ۾ ٽرالر موٽر سائيڪل سوار  پيءَ پٽ کي چيڀاٽي ڇڏيو: ٽرالر ڊرائيور گرفتار، ان ڏس ۾اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل سوارن کي  چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار شاهه لطيف ٽائون واسي پيءُ پٽ عاقب رضا ولد ڪامران جمشيد ۽ افشان ٿڏي تي دم ڏنو، پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته فوتين جي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو .