ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ ملير جي يوٿ هاڪي ڪلب  ٽيم جي آجيان، راندين واري خاص معاون ارباب لطف الله چيو آهي ته سنڌ واحد صوبو آهي، جيڪو قومي  راند هاڪي  کي ساليانو 10 ڪروڙ رپيا گرانٽ ڏئي رهيو آهي، سنڌ سرڪار  هاڪي راند کي هٿي ڏيڻ لاءِ جيڪب آباد ۾ نياڻين لاءِ اسٽيڊيم ٺاهي رهي آهي، متحده جي خواجه اظهار الحسن هاڪي ٽيم کي ڀليڪار ڪندي چيو ته اسان اسڪول ۽ ڪالج ليول تي هاڪي راند تمام گهڻي کيڏي آهي، سنڌ سرڪار ضلعي ليول تي ٽيمون ٺاهي ليگ جوڙي،