ملير(رپورٽر)ملير جي يوسي پپري تي وائيس چيئرمين لاءِ آزاد اميدوار قادر بخش جوکيو ۽ ڪائونسلر سرور جٽ پ پ اميدوارن جي حق ۾ هٿ کڻي ويا، ان موقعي تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ساجد جوکيو چيو ته ڪراچي جو ايندڙ ميئر پ جيالو  ٿيندو، ايندڙ عام  چونڊن ۾ بلاول ڀٽو زرداري وزير اعظم  ٿيندو