ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير ۾ معصوم نينگري سان اجتماعي زيادتي ڪندڙ 4 جوبدارن کي جنم ٽيپ، ان ڏس ۾ گلشن حديد ۾ معصوم نينگريءَ سان اجتماعي زيادتي ڪرڻ واري ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ھڪ سال کانپوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي چئني جوابدارن عديل ميمڻ، مزمل، ارض ۽ سبحان کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي جيل موڪلي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن 12 جنوري 2021ع  تي گلشن حديد ۾ 14 ورهين جي نينگريءَ سان اجتماعي زيادتي ڪرڻ بعد  وڊيو ٺاهي وائرل ڪئي هئي، وارثن جي فرياد تي جوابدارن خلاف گلشن حديد ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي.