ملير(رپورٽ: ناز شر) ملير جي ڀينس ڪالوني ۾ زهريلو چارو ( فيڊ) کائڻ سبب وڌيڪ 35 سوئا مينهون مري ويون، چئن ڏينهن دوران مري ويل مينهن جو انگ 149 ٿي ويو،  ڊيري فارمرز جو احتجاج، ان ڏس ۾  ڀينس ڪالوني ۾ زهريلو چارو کائڻ سبب وڌيڪ 35 مينهن جي حالت خراب رهڻ بعد واڙي جي مالڪن پاران کين حلال ڪيو ويو، چار ڏينهن اڳ ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب چئن ڊيري فارمن تي بيٺل مينهن، وڇن ۽ پاڏن جي حالت خراب ٿيڻ بعد ڊيري فارمرز پاران کين حلال ڪيو ويو، ڪالهه شاهد ڀيا جي ڊيري فارم تي بيحال ٿيل 35 کان وڌيڪ مينهن ۽ وڇن کي حلال ڪيو ويو، 4 ڏينهن دوران  زهريلو چارو کائڻ سبب مري ويل مال جو انگ 149 ٿي ويو، ان سلسلي ۾ ڊيري فارمرز ايسويسئيشن ڪراچي جي صدر شاڪر گجر ٻڌايو ته چئن ڏينهن کان زهريلو چارو کائڻ سبب  مختلف ڊيري فارمن ۾ مال مرڻ جو سلسلو جاري آهي، هن وقت تائين ڏيڍ سئو مينهون ۽ ننڍو مال حلال ڪيو ويو آهي، هن چيو ته حڪومت چوپائي مال جو غير معياري چارو تيار ڪندڙ ڪمپنين خلاف سخت ڪاروائي ڪري ڊيري فارمرز جي ٿيل ڪروڙين رپين جي نقصان جو ازالو ڪري،