ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ کي ملير جڙتو مقابلي جي 30 ڏينهن ۾ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه پوليس پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملير جي سکن ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي ۾مارجي ويل محمد بخش منشيات فروش هو، مٿس مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل آهن، جڏهن ته سکن ٿاڻي تي مٿس پوليس مقابلي جو ڪيس پڻ داخل آهي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مقتول جو ڪرمنل رڪارڊ به آهي ته انهي کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها، درخواست گذار جي وڪيل لياقت گبول جو چوڻ هو ته نوجوان محمد بخش کي پوليس اهلڪارن محبوب کوسو، سليم ۽ ٻين گهر مان کنڀي 3 لک ڀنگ طلب ڪيو ، 3 لک نه ڏيڻ تان پوليس اهلڪارن نوجوان کي سکن جي علائقي ۾ جعلي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪري ڇڏيو آهي.