ملير(رپورٽ: نازشر)  ملير جي گڏاپ تعلقي جي 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي رهواسين  ۽ آبادگارن بجلي جي بندش خلاف سڪل ڪڻڪ جا تيلا کڻي گڏاپ گرڊ اسٽيشن آڏو مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي  حاجي غلام مصطفيٰ بلوچ، ظفر حميد بلوچ، الاهي بخش بلوچ، رئوف جوکيو ۽ غفار گبول  چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا بل ادا نه  ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي  گڏاپ تعلقي جي گاجان ڳوٺ، فقير محمد ڳوٺ، غلام محمد ڳوٺ، ڪونڪر،  پير بخش گبول ڳوٺ، سهراب فقير ڳوٺ، چنيسر فقير ڳوٺ، راهو گهرام ڳوٺ، حاڪو بروهي ڳوٺ، حسين بلوچ ڳوٺ، علي محمد خاصخيلي ڳوٺ، حاجي اميد علي گبول،  ڳوٺ ذڪريا جوکيو، سومار جوکيو سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي بند ڪري ڇڏي آهي، هنن چيو ته ڳوٺاڻن پاران بجلي جا بل جمع ڪرائڻ باوجود اسان کي اذيت ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي ،هنن چيو ته بجلي جي بندش سبب پوکيل ڪڻڪ ۽ گاهه سڪي ويا آهن، هاڻ ته چوپايو مال اڃ مري رهيو آهي، اسان ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا کي ڪيتريون شڪايتون ڪيون آهن پر ڪا موٽ ناهي ملي،  ڳوٺاڻن وزير اعليٰ  مراد شاهه کان گهر ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف ڪاروائي ڪري گڏاپ جي سمورن ڳوٺن جي بجلي بحال ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ اهي سپر هاءِ وي بند ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا.