ملير جي نينگري مومل بروھي پنھنجي ويڳي ماءُ ھٿان قتل ٿيڻ جو انڪشاف

0
222
ڪراچي: اورنگي ٽائون

ملير (رپورٽر) ملير ۾ نينگري مومل بروهي جي قتل واري واقعي جو نئون رُخ سامهون اچي ويو، نينگري پنهنجي ويڳي ماءُ هٿان قتل ٿيڻ جو انڪشاف، پوليس جو چوڻ آهي ته مومل بروهي کي سندس ويڳي ماءُ ناديا پنهنجي چاهيندڙ سان گڏجي قتل ڪيو، عورت ۽ سندس چاهيندڙ گرفتار، جوڙي جاچ دوران نينگري کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو، پوليس موجب نينگري جي ويڳي ماءُ جا شاهد سان ناجائز لاڳاپا هئا، نينگري کين اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏٺو هو، جوڙي پنهنجو ڏوهه لڪائڻ لاءِ نينگري کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو.