ملير جي رڙ جو سڄي سنڌ ۾ پڙاڏو

0
258
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سماجي ناانصافي ۽ قانون جو ڏاڍي آڏو ڪمزور ٿيڻ بغاوتن کي جنم ڏيڻ جو سبب بڻجندو آهي. قانون ئي هوندو آهي جيڪو ڪمزور کي ڏاڍي آڏو به برابري جي بنياد تي حق ڏياريندو آهي،پر جيڪڏهن قانون پاڻ ڪمزور ٿيندو ته پوءِ هر طاقتور پاڻ قانون بڻجي ويندو آهي جنهن کان نه ڪو پڇڻ وارو هوندو آهي نه ئي ڪو حساب ڪتاب وٺڻ وارو.
ملڪ ۾ هڪ طاقتور گروپ بحريه ٽائون گهڻي وقت کان وٺي ترقي جي نالي تي سرگرم آهي جنهن ڪوهستان جي پهاڙن تائين اچي پنهنجا پر پکيڙيا آهن ۽ اها پکيڙ وڌندي ئي وڃي ٿي،انهي گروپ تي مقامي ماڻهن جي زمينن تي زبردستي قبضن جا الزام به لڳندا رهيا آهن پر انهي طاقتور گروپ کي ڪو روڪڻ ۽ ٽوڪڻ وارونه هو،ڪجهه وقت کان وٺي ملير جي مقامي ماڻهن انهي گروپ خلاف هڪ مزاحمت کي جنم ڏنو جنهن تي اهو گروپ مڇرجي پنهنجي ڏاڍ ، حڪومتي ،انتظامي مشينري جي حمايت سان انهي مزاحمت کي چٿڻ ۽ پنهنجي آڏو ايندڙ هر رڪاوٽ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،گهڻي وقت کان وٺي ملير جي ٻهراڙي ۽ ڪوهستان جي پهاڙن مان آواز ايندا رهيا پر ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل واقعو پڙاڏو بڻجي سڄي سنڌ ۾ گونجي اٿيو آهي . بحريه ٽائون انتظاميا ڪجهه زمين خريد ڪري رهائشي اسڪيم جي نالي تي شهر اڏڻ شروع ڪيو پر پوءِ انهي هر هنڌ والار ڪرڻ شروع ڪئي جنهن ڪري اهو معاملو سپريم ڪورٽ تائين پهتو. انهي والار دوران سنڌ حڪومت ۽ انتظامي مشينري جي خاموشي جي صورت ۾ ڄڻ ته حمايت حاصل رهي، جيتري زمين خريد ڪرڻ جي دعويٰ بحريه ٽائون ڪئي ان کان وڌيڪ زمين تي قبضو ثابت ٿيو جنهن ڪري ملڪ جي اعليٰ عدالت انهي بحريه ٽائون تي ڏنڊ وڌو پر پوءِ به بحريه ٽائون انتظاميا پنهنجي حرڪتن کان نه مڙي ۽ صدين کان آباد ڳوٺ ناجائز ۽ غير قانوني طور ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت ڪندڙ ڳوٺاڻن تي انهي جي سيڪيورٽي وارن فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ ڪجهه ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا اهڙي زيادتي ۽ ڏاڍ خلاف سڄي سنڌ هڪ آواز ٿي اٿي پئي. جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت جا ڪجهه وزير انهن ڳوٺاڻن وٽ پهتا آهن ۽انهي ڪڌي عمل ۾ ملوث پوليس ۽ سنڌ حڪومت جا انتظامي عملدار معطل ڪياويا آهن ۽ بحريه ٽائون جي سيڪيورٽي انچارج ۽ عملي خلاف قتل ۽ اقدام قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويئي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته انتظامي عملدارن جي معطلي ۽ بحريه خلاف ايف آءِ آر هڪ سٺو قدم آهي پر اصل مسئلو انهن ڳوٺن جي تحفظ جو آهي جيڪي هن وقت به انهي طاقتور گروپ جي اکين ۾ آهن. ڇو سنڌ حڪومت احتجاج کان اڳ انهي زيادتي تي اکيون ٻوٽي خاموش هئي ،ڇو هڪ بلڊر قانون ۽ سنڌ حڪومت کان ڏاڍو نظر اچي رهيو آهي جيڪو قانون کي هٿ ۾ کڻي وتي ٿو قديم رهواسين جي زمينن تي زبردستي قبضا ڪندو. تنهن ڪري رڳو ايف آرآر داخل ڪرڻ يا انتظاميا جي ڪجهه عملدارن جي معطلي سان سنڌ حڪومت جي ذميواري پوري نه ٿي ٿئي سنڌ حڪومت کي يقيني بڻائڻو پوندو ته ملير جو ڪنهن به ڳوٺ يا ان جي مقامي رهواسين جي هڪ انچ زمين تي ڪوبه بلڊر يا طاقتور گروپ زبردستي يا ڏاڍ ذريعي قبضو نه ڪندو ۽ ڪو به ڏاڍو قانون تي عمل ڪرڻ بدران پنهنجا قانون لاڳو نه ڪندو ۽ سنڌ حڪومت ستي پئي هوندي.