ملير (رپورٽر) ملير ڊسٽرڪٽ جيل مان وڌيڪ 200 ڀارتي مهاڻا آزاد ٿي ويا، جن کي ايڌي فائونڊيشن جي سهڪار سان ريل ذريعي لاهور ۾ واگها بارڊر تي ڀارتي انتظاميه حوالي ڪيو ويندو، مهاڻن جي لاهور تائين سفر ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ايڌي فائونڊيشن طرفان ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ملير ڊسٽرڪٽ جيل جي سپرنٽينڊنٽ سيد ارشد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارتي مهاڻن کي سزا پوري ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ويو آهي، جيڪي ايڌي فائونڊيشن جي سهڪار سان ڀارت لاءِ روانا ٿي ويا  آهن.