ملير (رپورٽر) ملير ۾ بيدردي سان قتل ٿيل ٻارڙي سان زيادتي جي تصديق: مک جوابدار سوگهو، ان ڏس ۾ ملير جي علائقي داتا نگر ۾ زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪيل معصوم ٻارڙيءَ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار انتظار کي بن قاسم پوليس گرفتار ڪري ورتو, جوابدار جاچ دوران قتل جو اعتراف ڪري ورتو، ان ڏس ۾ ملير جي ايس ايس پي حسن سردار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار انتظار گهران شيءِ وٺڻ لاءِ نڪتل  6 سالن جي ٻارڙيءِ فريحه کي ورغلائي وٺي ويو، جنهن کي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش پاڻي جي نالي ۾ ڦٽو ڪيو، هن چيو ته ابتدائي پوسٽ مارٽم ۾ ٻارڙيءِ سان زيادتي جي تصديق ٿي آھي،  ٻئي طرف چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي چيئرمين ۽ صوبائي وزير ساجد جوکيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون ٻارڙيءِ جي  وارثن کي يقين ڏياريان ٿو ته چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي سندن مدد ڪندي، کين  ليگل ٽيم به مهيا ڪئي ويندي، اهڙن سفاڪ قاتلن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو، هوڏانهن  معصوم فريحه جي پيءُ محمد اعظم پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيوآهي  ته ظالم وحشي منهنجي معصوم نياڻي سان زيادتي ڪري کيس بيدري سان قتل ڪري لاش ڦٽو ڪيو، منهجي چيف جسٽس س کي  اپيل آھي ته جوابدار کي سرعام ڦاهي تي لٽڪائڻ جي سزا ڏني وڃي.