ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڌماڪيدار مادو ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار عبدالقادر مزاري کي پوليس پاران ثابتيون پيش نه ڪرڻ تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جاچ آفيسر عدالت کي ڌايو ته جوابدار خلاف بن قاسم ٿاڻي تي 8 مهينا اڳ دهشتگردي ڪيس داخل ٿيو هو، سندس تلاشي دوران هينڊ گرنيڊ ۽ پستول هٿ آيو هو