ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي 500 ايڪڙ قيمتي زمين تي قبضي جو انڪشاف، ايم ڊي اي 40 لينڊ گريبرز جا تفصيل ڊي جي رينجرز، گهرو سيڪريٽري، ڊي آءِ جي اولهه ۽ ٻين اپوليس آفيسرن کي موڪلي ڇڏيا، ايم ڊي اي پاران لکيل خط ۾ گلشن سيد ٽينٽ سٽي جي سرواڻ احمد شاهه ڪاظمي، حنيف ڪاڪڙ، ابراهيم، انور بلوچ، قاسم چانڊيو، قلندر مسعود، جبار خان، عتيق سومرو، رجب ڀٽي سميت 40 لينڊ مافياز جا نالا شامل آهن، خط ۾ چيو ويو آهي ته لينڊ گريبرز اڳ ئي الاٽ ٿيل قيمتي پلاٽن تي قبضا ڪري، اتي  ڳوٺ ٺاھي، معصوم ماڻهن کي وڪرو ڪري رهيا آهن،  خط ۾ چيو ويو آهي ته  ايم ڊي اي جي اسڪيم 45 جي سيڪٽر 3، 10، 11 ۽ 24 تي پڻ لينڊ مافياز  قبضو ڪري ورتو آھي، لاڳاپيل اسڪيم ۾ اربين رپين جا ڪمرشل ۽ رهائشي پلاٽ شامل آهن، دستاويزن موجب 500 ايڪڙن تي ٻڌل 6 سيڪٽرن تي کليل نموني قبضا ٿي رهيا آهن، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته پوليس جا اعليٰ آفيسر قبضا ڪندڙن جو گھيرو تنگ ڪري قبضو ختم ڪرائين، واضح رهي ته ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران 25 آڪٽوبر 2022 ع تي لينڊ مافياز خلاف ڪيس پڻ داخل ڪرايا ويا، لينڊ مافيا خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي ايم ڊي اي پاران عدالت جو در کڙڪايو ويو، جنهن تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اولهه به لاڳاپيل اسڪيم مان فوري طور قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو پر ھن مھل تائين ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگھي آھي.