ملير (رپورٽر) ابراهيم حيدري ٽائون جي يونين ڪاميٽي نمبر10 تان ابراهيم ننهو ۽ رفيق دائود جٽ بنا مقابلي  چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين  ٿي ويا ساڳئي يونين ڪاميٽي تان 2 ڪائونسلر پڻ بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا،ان ڏس ۾  يونين ڪاميٽي نمبر10 تان  پ پ سان لاڳاپيل  چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جا اميدوار ابراهيم ننهون ۽ رفيق دائود جٽ بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا، ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ دوران پي ٽي آءِ جي اميدوار ستار شيخ جا تجويز ۽ تائيد ڪندڙ پيش نه ٿيا، جڏهن ته جماعت اسلامي پاران وائيس چيئرمين جي اميدوار عبدالجبار پاران نامزدگي وارا فارم واپس ورتا ويا،  يوسي 10 جي وارڊ نمبر3 تي ڪائونسلر لاءِ اميدوار محمد موسيٰ جو فارم رد ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار محمد صالح جت کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو، جڏهن ته وارڊ نمبر4 تان ٻن آزاد اميدوارن لياقت خاصخيلي ۽ اقبال پاران نامزدگي فارم واپس وٺڻ تي  پ پ اميدوار عزيز خاصخيلي کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو.