لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ مليريا جي دوائن جي کوٽ کان پوءِ ڊي ايچ او اطهر شاهه ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز ويڪٽر بورن ڊزيز سنڌ حيدرآباد کي خط لکي گذارش ڪئي آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن کان پوءِ متاثرن جي ڪئمپن ۾ مليريا جي دوائن ۽ انساني زندگيون بچائڻ وارين شين جي سخت ضرورت آهي، ان لاءِ مليريا جون دوائون، بيڊ نيٽس، اسپري پمپ، مليريا ٽيسٽ ڪٽون، مائڪرواسڪوپ مشينون، انجيڪشون ۽ ٻئي سامان جي سخت ضرورت آهي. ان حوالي سان ڊي ايچ او ٻڌايو ته برسات متاثرن جي ڪئمپن ۾ موجود ڪيترائي ماڻهو مليريا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جنهن ڪري اسان صحت کاتي کي دوائن، انجيڪشن، ٽيسٽ ڪٽ، مشينري ۽ ٻئي سامان لاءِ لکيو آهي.