ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ مليريا جا 24 ڪلاڪن دوران 1310 نوان ڪيس سامهون آيا، ان حوالي سان صحت کاتي ڄاڻايو آهي ته ڪراچي ۾ 17، حيدرآباد 28، ڄامشوري ۾7، مٽياري ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ 9_9، ٺٽي ۾ 34، سجاول ۾ 61، بدين ۾ 112، سکر ۾ 99، خيرپور ۾ 52، گھوٽڪي ۾ 10، لاڙڪاڻي ۾ 322، شڪارپور ۾ 62، جيڪب آباد ۾84، قمبر ۾ 135، ميرپورخاص ۾ 105،  عمرڪوٽ ۾ 109، شهيد بينظيرآباد ۾ 43 ۽ سانگھڙ ۾ 12 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي.