ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ مليريا، ڊينگي ۽ پليٽليٽس ڪائونٽ ٽيسٽن جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو گھٽتائي ڪئي وئي، سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي سي اي او ڊاڪٽر احسن قوي صديقي موجب اين ايس ون اينٽيجن ڊينگي جي ٽيسٽ 1460 مان گھٽائي 850 رپيا ڪئي وئي، جڏهن ته پليٽليٽ ڪائونٽ ٽيسٽ جي قيمت 550 مان گھٽائي 250 رپيا ڪئي وئي، آءِ سي ٽي مليريا جي ٽيسٽ جي قيمت پڻ 500 رپيا مقرر ڪئي آهي، هن چيو ته برساتن سبب مليريا ۽ ڊينگي جي بيمارين ۾ واڌ ٿي آهي، مريضن کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ٽيسٽون ڪرائڻيون پون ٿيون، اسان نجي اسپتالن ۽ ليبارٽرين جي انتظاميا سان اجلاس ڪري ٽيسٽن جي قيمتن ۾ گھٽتائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن چيو ته   ٽيسٽن ۾ اها رعايت 15 ڊسمبر تائين جاري رهندي