سکر: مقتول ٽن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن جي وارث ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ملوڪ کي خبر ناهي ڪنهن ماريو آهي. صوبدار وسري ڌر هو چئن هنڌن تي جهيڙو هلندڙ آهي. هنن اسان تي الزام مڙهي 100 کان وڌيڪ هٿياربند ساڻ ڪري گهرن تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ڀاتي قتل ٿي ويا آهن. هن ٻڌايو ته چار وڳي ڏينهن جو هٿياربند اسان جي ماڻهن کي قتل ڪري ويا پر پوليس لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ اسپتال پهچايو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته پوليس کي خبر آهي صوبدار جتوئي ڌاڙيل آهي پر پوليس هن وقت تائين ڪجهه ناهي ڪيو. ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.