ملتان ۾ عورت کي حور طور پيش ڪرڻ تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران ڪاوڙ

0
347
عورت کي حور طور پيش ڪرڻ
ملتان ۾ عورت کي حور طور پيش ڪرڻ تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران ڪاوڙ

اسلام آباد: اسلامي نظرياتي ڪائونسل مذهبي رسمن جي ادائگي لاءِ معيار مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر قبله اياز جي صدارت هيٺ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ملتان ۾ 12 ربيع الاول جي موقعي تي عورت کي حور طور پيش ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چوڻ هو ته اسلام ۾ عورت کي ان ريت حور بڻائي پيش ڪرڻ غلط قدم آهي،

مذهبي رسمن ۾ بازاري طرز جي قدمن جي شديد مخالفت ڪيون ٿا. ڪائونسل پاران نعت، مرثين، نوحن ۽ قصيدن کي گانن جي طرز تي پيش ڪرڻ جي مخالفت ڪندي مذهبي رسمن ۽ مذهبي عقيدن جي ادائگي لاءِ معيار مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.