ملتان (م ڊ) ملتان جي تڪ اين اي 157 تي  ننڍي چونڊ لاءِ علي موسيٰ گيلاني نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي علي موسيٰ گيلاني ملتان جي تڪ اين اي 157 تي ننڍي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا. پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي پٽ زين قريشي جي استعيفا کانپوءِ خالي ٿيل قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ننڍي چونڊ لاءِ پيپلز پارٽي جي علي موسيٰ گيلاني پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ضلعي رٽرننگ آفيسر موجب ملتان جي تڪ اين اي 157 تي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي ڪالهه آخري تاريخ هئي.