ملتان(اسپورٽس نيوز) ملتان اسٽيڊيم ۾ پوليس 5 ماڻهن کي جعلي ٽڪيٽون وڪرو ڪرڻ تي گرفتار ڪري ورتو. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٻي ون ڊي ميچ جي موقعي تي جوابدار شهرين کي جعلي ٽڪيٽون وڪرو ڪري رهيا هئا، جوابدارن کي پارڪنگ ايريا مان گرفتار ڪيو ويو. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪندي کين گرفتار ڪيو ويو آهي. هنن خلاف وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ممتاز آباد پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو.