ملاڪاتيار (ن پ ا) ملاڪاتيار ڀرسان پڃاري واھ مان نامعلوم شخص جو ڪپڙن کان آجو لاش هٿ آيو آهي. ان ڏس ۾ ملاڪاتيار ڀرسان قئنچي موري پوليس چيڪ پوسٽ وٽ پڃاري واھ مان ڪپڙن کان آجو لاش هٿ ڪيو ويو اطلاع ته ملاڪاتيار پوليس ۽ سماجي تنظيم سفت ايڌي جي ڪارڪنن لاش پاڻي مان ڪڍي ڊي ايچ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش جي سڃاڻپ ٿيڻ تائين سرد خاني ۾ رکيو ويو آهي.