ملاڪاتيار (ن پ ا) ملاڪاتيار ويجھو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت  ٿيو ويو.ان ڏس ۾ ملاڪاتيار ڀرسان آبادگار ٿاڻي جي حد  ڳوٺ خدا بخش لنڊ ۾ گهر اندر بجلي جي پنکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 20 ورهين جو ارشاد حُسين ولد محمد حسن لنڊ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي بيهوشي واري حالت ۾ مقامي اسپتال  نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو، فوتي نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو آهي.