پاڪستان جي نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي پاڻ ڪا تڪراري ڳالهه ڪري يا نه ڪري پر هن جي باري ۾ تڪرار پيدا ٿيندو رهيو آهي، اهڙو ڪجهه ان وقت به ٿيو آهي جڏهن پنجاب نصاب ۽ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران ملالا جي تصوير هجڻ تي ستين ڪلاس جا ڪتاب ضبط ڪيا ويا جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو. ان سلسلي ۾ نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنجاب جي نصابي ڪتابن ۾ملالا جي تصوير ڇو لڳائي؟ پنجاب حڪومت آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران ڇپايل ستين ڪلاس واري سماجي اڀياس واري ڪتاب جون سموريون ڪاپيون ضبط ڪري ڇڏيون، جيڪا حڪومت پنهنجي هيروز بابت ايتري ڪنفيوز هجي جو فيصلو نه ڪري سگهي ته اسامه بن لادن شهيد آهي يا دهشتگرد يا ملالا يوسف زئي هيرو آهي يا زيرو ته ان حڪومت يا ملڪ کي باقي دنيا ڪيترو سنجيده وٺندي سو توهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا، جنهن تي ماجد علي پنهور لکيو ته پنجاب ۾ نصاف کي هر سال نواڻ ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته سنڌ ۾ اڃا صدين وارو پراڻو نصاب هلي پيو، سحر ڀنڀرو لکيو ته اسان جهالت جي آخري پوزيشن تي پيا وڃون، خالق کوسو لکيو ته ملالا جي ڪري نه پر اين او سي نه وٺڻ جي ڪري مسئلو ٿيو آهي اين او سي بنا ٽيڪسٽ بورڊ مارڪيٽ ۾ اچڻ جي اجازت ناهي، محمد رفيق لکيو ته دنيا ۾ هي واحد ملڪ آهي جتي پنهنجي ملڪ جي اصل هيروز جن کي دنيا عزت احترام ڏئي ٿي نوبل انعام ڏئي ٿي پر پنهنجي ملڪ ۾ انهن کي غدار قرار ڏنو وڃي ٿو، دهشتگردن کي هيرو ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، احمد مغيري لکيو ته ملالا ڪو به تعليمي ڪردار ادا نه ڪيو نه وري سماجي ڪم ڪيو پوءِ به هن کي هيرو چيو ٿو وڃي، اي ڊبليو لانگاهه لکيو ته هنن جا هيرو اسامه بن لادن ۽ ملا عمر آهن، احسان جوڻيجو لکيو ته هي سڀ ان پاليسي جو حصو آهي جنهن ۾ نوان طالبان ذهين ۽ بهترين قرار ڏنا ويا آهن، عاشق رحيم شاهه لکيو ته پوري طرح ڄاڻ هوندي ته ڪير شهيد آهي ڪير هيرو آهي ڪير زيرو آهي حڪومتن جو اهو مسئلو ضرور آهي ته صحيح ۽ غلط جي نشاندهي ڪن، محمد اويس عثماني لکيو ته ملالا کي هيرو ڪري پيش ڪرڻ جي سٺي ڪوشش پيا ڪريو، مشتاق احمد پنهور لکيو ته ملالا ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، سعيد جهتيال لکيو ته ملالا ڇا جي ڪري هيرو آهي؟ ماجد پنهور لکيو ته حڪومتي فيصلي جي حمايت ڪريون ٿا، برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان جي 73 سالن جي تاريخ ۾ صرف ٻن پاڪستانين کي نوبل پرائيز مليو جن منجهان عبد السلام کي قادياني هجڻ جي ڪري پاڪستانين مڃتا نه ڏني ۽ ملالا يوسفزئي کي طالبانن جي مخالفت جي ڪري قبول نه ٿا ڪن، پاڪستاني نصاب ۾ عراقي ۽ ايراني سائنسدانن (الخوازمي ابو سينا الڪندي) جي ته تعريف ٿي سگهي ٿي پر پاڪستاني سائنسدان عبد السلام بابت لکڻ گناھه آهي، پاڪستاني نصاب ۾ برطانوي نرس فلورنس نائيٽ اينگل تي ته مضمون شامل ڪري سگهجي ٿو پر پاڪستاني بهادر نياڻي ملالا يوسفزئي جي تصوير ڇاپڻ تي نصابي ڪتاب ئي ضبط ڪري ڇڏين ٿا، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي طرفان انگلش ميڊيم جي پرائيويٽ اسڪولن جي نصاب ۾ ملالا جي تصوير ڇاپڻ تي سمورا ڪتاب ضبط ڪيا ويا آهن جنهن تي ميان ضامن عباس لکيو ته ڪند ۽ بند ذهن آهن، صوفي ابڙو لکيو ته صحيح ٿا ڪن، ڪامران حسين لکيو ته ميٽرڪ جي فزڪس جي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر عبدالسلام جو ذڪر ٿيل آهي.