ملائڪا اروڙا ڊانسر پاران ڳل تي هٿ لاهڻ تي پريشان

0
284

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ملائڪا اروڙا ڊانسر پاران ڳل تي هٿ لاهڻ تي پريشان ٿي وئي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب بالي ووڊ اداڪارا ملائڪا اروڙا ڀارتي ريئلٽي شو انڊياز بيسٽ ڊانسر ۾ جج  طور شريڪ ٿي ان موقعي تي  هڪ اميدوار  ڊانسر ملائڪا اروڙا جي ويجهو اچي سندس ڳل تي هٿ لاٿو ته هو ڍڄي وئي.

بعد ۾ هڪ انٽرويو دوران ملائڪا چيو ته مونکيخوف ٿيو ته ڪٿي نوجوان ڪورونا ۾ ورتل نه هجي. هن چيو ته سمورن ماڻهن کي اپيل آهي ته هن وقت اسان جو ملڪ ڪورونا ۾ ورتل آهي انڪري ڪوشش ڪريو ته هڪ ٻئي کي ويجهو نه اچو.