ڪوالالمپور(انٽريسٽنگ نيوز) ملائيشيا ۾ حسن جي مقابلي ۾ شامل تائيوان جي حسينا کي پنهنجو قومي پرچم ڦڙڪائڻ جي اجازت نه ملي. تائيوان جي اختيارين موجب هڪ تقريب دوران مس تائيوان ڪائو مان-جنگ ٻين حسن جي راڻين سان گڏ اسٽيج تي جلوا وکيرڻ لاءِ پهتي ته ان جي روئڻ جون تصويرون ڪڍيون ويون. ان حوالي سان تائيوان جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته چين ملائيشيا جي انتظاميا تي دٻاءُ وڌو ته اهي اسان جي مس ڪائو کي اسٽيج تي اسان جو قومي پرچم ڦڙڪائڻ جي اجازت نه ڏين. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته مون ان معاملي تي ملائيشيا ۾ پنهنجي نمائندي کي جي آفيس ۾ انتظاميا سان اهڙي دانهن باضابطا طور داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. تائيوان جي پرڏيهي وزارت موجب اهڙو دٻاءُ رڳو تائيوان جي ماڻهن ۽ عالمي برادري ۾ چين جي لاءِ وڌيڪ نفرت جو سبب ئي بڻبو. واضح رهي ته چين خودمختاري جي دعويٰ ڪندڙ تائيوان کي پنهنجي ملڪ جو حصو قرار ڏيندو آهي.