مقصودو رند (ن پ ا)  مقصودو رند  ۽ ڀرپاسي  عزاداري جو سلسلو  جاري آهي،  ان حوالي سان ڳوٺ ٻاجھي رند ۾ انجمن غازي عباس ، امام بارگاھ منتظر مھدي  ڳوٺ غازي خان لاشاري ۾ مجلس عزا برپا ڪئي وئي، مجلس عزا کي سيد مصور عباس مضور، سيد مجاھد علي ناشاد، مولوي مدد علي سعيدي، مولوي سينگار حسين رند ،  مولوي بخت حسين رند ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏھن ته مختلف ڳوٺن جي  ماتمي جلوس برآمد ٿيا، عزادارن پاران سينا زني ڪئي وئي.