مقصودو رند ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ: منڌو رند اليون ڪامياب

0
176

مقصودو رند(رپورٽ: بهادر رند) مقصودو رند ۾ جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو پري ڪوارٽر فائنل منڌو رند اليون کٽي ٽورنامينٽ جي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. حاجي راحب علي رند پاران جاري جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ منڌو رند اليون ۽ نبي بخش رند اليون آمھون سامھون ٿيون. منڌو رند اليون شير رند جي 51 رنز جي مدد سان 15 اوور ۾ 194 رنز ٺاھيون، جواب ۾ نبي بخش رند اليون ذوالفقار رند جي 24 رنسن جي مدد سان 93 رنسون ٺاھي آل آئوٽ ٿي وئي، منڌو رند اليون ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. منڌو رند اليون جي محمد نواز رند کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.