مقصودو رند ويجهو گم ٿيل نينگري جو ويران جڳهه مان لاش هٿ

0
366
ٽنڊو الهيار ويجهو معصوم يتيم نينگري سان جنسي زيادتي
ٽنڊو الهيار ويجهو معصوم يتيم نينگري سان جنسي زيادتي

شهدادپور: گذريل ڏينهن کان گم نينگري جو ويران جڳهه مان لاش هٿ ڪيو ويو، مقصودو رند ويجهو گذريل ڏينهن  پراسرار نموني گم ٿيل نينگري  جو ويران جڳهه مان لاش هٿ ڪيو ويو

ڳوٺ خان رند واسڻ 6ورهين جي زھرا ڪنڀر جو گلشن مھر ڪالوني ۾ ويران جڳهه مان لاش مليو، علائقي واسين جي اطلاع  تي پوليس پهچي نينگري جو  لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو

علي گل ڪنڀر موجب نياڻي جو ذهني توازن درست  نه هو، گذريل ڏينهن کان گم هئي، اڄ  سندس لاش مليو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري کي جنسي زيادتي  جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪرڻ جو خدشو  آهي، جاچ ڪئي پئي وڃي

ڊي ايس پي ايوب بروهي واقعي  واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو، ڊي ايس پي موجب جيوفينسنگ ٽيم واقعي واري هنڌ رواني،  جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري جوابدار  گرفتار ڪيا ويندا