مقصودو رند (ن پ ا) حيسڪو عملي مقصودو رند جي مختلف ڳوٺن مراد علي رند، سھجو رند، ولي محمد رند، خيرو رند، بختيار رند ۽ ٻين ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي، جڏھن ته حيسڪو شاھپور چاڪر پاران بجلي ڪاٽڻ جو سبب بقايائون ڄاڻايو ويو آهي، ان حوالي سان ڳوٺاڻن ممتاز علي رند، علي بخش رند، زوار شير خان رند ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حيسڪو وارا ھر مھيني اسان کان بجلي جو بل وٺندا آهن پر اسان جي ڳوٺن جي بجلي بنا جواز جي ڪاٽي وئي آهي، جڏھن ته 11 ھزار وولٽ جو ٿنڀو پڻ ھيٺ ڪريل آھي ۽ جڏھن اسان حيسڪو شاھپور چاڪر عملي سان رابطو ڪري 11 وولٽ جي ٿنڀي جي باري چيوسين ته حيسڪو جي عملدارن چيو ته اسان توھان جي ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي ۽ اھو 11 ھزار وولٽ جو ٿنڀو توھان پاڻ ھٿن سان ڪيرايو آھي. هنن سنڌ سرڪار ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان حيسڪو شاھپور چاڪر جي نااھل عملي خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.