مقصودورند (ن پ ا) مقصودورند ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ  پاران ڊجيٽل آدمشماري ۽ مهانگائي خلاف 2 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو، ان موقعي تي آتم ڀيل، حضور بخش  ڏاھري، حبيب الله رخشاڻي، حسن کوسو، ماروي کوسو، ھيمي ڀيل ۽ بين چيو ته ڊجيٽل آدمشاري بھاني سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي، هنن چيو ته 2 ڪروڙن کان مٿي سنڌي اڄ به ٻوڏ سبب بي گھر آھن، هنن مطالبو ڪيو ته هٿ ٺوڪيي آدمشاري جو چونگ بند ڪيو وڃي.