مقامي حڪومت ۽ پائيدار ترقي

0
393
مقامي حڪومت ۽ پائيدار ترقي

  دنيا تمام تيزي سان اڳتي وڌي پئي ۽ ترقي جون منزلون طئي ڪري رهي آهي. جنهن سان انسان جي زندگي تمام آسان ۽ بهتر ٿي آهي.  پر انهي ترقي جا ڪجهه ناڪاري اثر به آهن جيڪي ٻئي طرف اسان جي دنيا کي تباهي جي واٽ ڏانهن ڌڪي رهيا آهن. جن مان خاص ڪري ماحولياتي تبديلي هڪ اهم مسئلو بنجي سڄي دنيا سامهون آيو آهي. ماحولياتي تبديلي جي ڪري موسمن ۾ به تبديليون ٿي رهيون آهن. اسان جي ملڪ يا وري خاص ڪري اسان جي صوبي سنڌ ۾ موسمن جي تبديلي، برسات نه پوڻ يا وقت تي نه پوڻ يا وري ايترو مينهن پوڻ جو ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي وڃن ٿا. اهي سڀئي ماحولياتي تبديليون اسان سڀني ڏٺيون آهن. يا وري گرمي پد وڌي وڃڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو سخت گرمي ۾ اجل جو شڪار ٿيو وڃن ۽ گرمي جي شدت وڌڻ جي ڪري گليشيئر جو پگهرڻ وغيره وڏيون ماحولياتي تبديليون آهن. انهن تبديلين جو انساني صحت تي تمام گهڻو نقصانڪاراثر پوي ٿو. انهي کان علاوه فصلن تي منفي اثر پون ٿا، فصلن جي اپت ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي يا وري پاڻي جي کوٽ جي ڪري ڪيترائي علائقا جنهن جو دارومدار زراعت تي آهي. اهي انهي ماحولياتي تبديلين جي ڪري تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن. سنڌ به انهي ماحولياتي تبديلين جي اثر هيٺ آهي. سنڌ جا اهي علائقا جتي فصل صرف برساتي پاڻي تي ٿيندا آهن اهي مسلسل ڏڪارن کي منهن ڏين ٿا. جن علائقن جي روزگار جو ذريعو چوپايو مال آهي اهي به پاڻي جي کوٽ جي ڪري چوپائي مال جي لاءِ گاهه جي پيداوار گهٽجڻ جي ڪري مختلف مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

سنڌ جي سامونڊي پٽي وارا علائقا به بدترين ماحولياتي تبديلين جو شڪار ٿيا آهن. سمنڊ جو تيزي سان زرعي زمين تي قبضو ۽ زمين کي ڪلراٺو ڪرڻ جي ڪري زمين ناڪاره ٿي چڪي آهي، جنهن جو هڪ وڏو سبب درياءَ ۾ گهربل پاڻي جو نه هجڻ ۽ درياءَ جو سمنڊ ڏانهن ڇوڙ نه ڪرڻ آهي. انهي کان علاوه هر علائقي ۾ زرعي زمين تي هائوسنگ سوسائٽيز جا پراجيڪٽ ٺهڻ به عام جام ٿي ويو آهي. اهڙا سڀئي ميگا پراجيڪٽ اسان کي ترقي سان گڏوگڏ خاموشي سان تباهي ڏانهن ڌڪي رهيا آهن. چوندا آهن ته وڻ زندگي آهن پر اسان وٽ وڻن پوکڻ ۽ انهن جي سار سنڀال جو رواج تمام گهٽ بلڪه نه هئڻ برابر آهي.

پاڪستان هڪ زرعي ملڪ هئڻ جي باوجود ڪڻڪ ۽ داليون مختلف ملڪن کان خريد ڪري ٿو جنهن جي ادائگي اسان ڊالرز ۾ ڪريون ٿا جيڪا پڻ ملڪي معيشت کي ڪمزور ڪري ٿي. اسان کي زراعت مان لاڀ حاصل ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ گهرجي پر اڄ به اسان وٽ فصل پوکڻ جا عام رواجي طور طريقا استعمال ٿين ٿا. جن کي بهتر ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.

زراعت تي منفي اثرن جي ڪري سنڌ ۾  کاڌ خوراڪ جي قلت وڌي وئي آهي پر اهو مسئلو صرف غريب طبقي سان لاڳاپيل آهي جتي غريب ماڻهو غذائيت سان ڀريل ٻن ويلن جي ماني نٿو خريد ڪري سگهي. سو مجموعي طور تي هڪ طرف اسان سيمينٽ ۽ پٿرن جا پهاڙ تيار ڪيا آهن پر ٻئي طرف قدرتي ماحول جي بقا اسان پنهنجي ذميواري نٿا سمجهون. انهي سڄي صورتحال هڪڙي صوبي، ملڪ يا هڪ براعظم کي متاثر ڪونه ڪيو آهي پر سڄي دنيا انهي ماحولياتي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن سان متاثر ٿي آهي. دنيا جا ڪيترائي غريب ملڪ کاڌخوراڪ جي ڪمي کي منهن ڏئي رهيا آهن.  اهڙي صورتحال کي سامهون رکندي دنيا جي مفڪرن ۽ عالمن بين الاقوامي اداري پاران 25کان 27 سيپٽمبر 2015ع ۾ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي. جيڪا ملينيم ڊولپمينٽ گولز جي تسلسل ۾ ڪوٺائي ويئي. جنهن ۾ وڌندڙ ماحولياتي اثرن کي مدنظر رکندي اهو عهد ڪيو ته دنيا ۾ جيڪا به ترقي ٿيندي اها ماحول جي بقا، تحفظ ۽ ترقي لاءِ هوندي.

اهڙي ريت دنيا جي ماهرن ۽ عالمن انهي ڪانفرنس ۾ گذريل پندرهن سالن جي ڪارڪردگي جو نه صرف جائزو ورتو بلڪه اها ڳالهه شدت سان محسوس ڪئي ته انساني ترقي سان گڏوگڏ ماحولياتي تبديلين جا اثر هن ڌرتي کي خطرناڪ حد تائين نقصان رسائي رهيا آهن، تنهن ڪري انهن ايندڙ پندرهن سالن جي لاءِ  سترهن گولز جي منصوبه سازي 2030ع تائين ڪئي آهي ۽ انهي جو نالو “پائيدار ترقي جا مقصد”رکيو ويو آهي ته جيئن هر منصوبو ۽ ڪم ڪنهن به طريقي سان ماحول کي نقصان نه رسائي يا وري گهٽ ۾ گهٽ اثر ڇڏي. بين الاقوامي اداري پاران اهو پڻ محسوس ڪيوويو ته اهي سترهن مقصد ڪا به رياست يا ملڪ اڪيلي سر حاصل نٿو ڪري سگهي. جنهن جي ڪري پائيدار ترقي جو سترهون مقصد پارٽنرشپ يا ڀائيواري لاءِ مقرر ڪيوويو آهي. جنهن جو مطلب شرڪت داري جي بغير سترهن مقصد حاصل ڪونه ٿا  حاصل ڪري سگهجن.

پائيدار ترقي جي سترهن مقصدن ۾ غربت ۽ بک جو خاتمو، تعليم ۽ صحت جون سهولتون، صاف پاڻي، سستي توانائي، روزگار جا مهذب موقعا، صنفي برابري، سمنڊ اندر زندگي، امن ۽ انصاف، صنعت ۾ جدت ۽ انفراسٽرڪچر، پائيدار استعمال ۽ پيداوار، عدم مساوات ۾ ڪمي، صاف سٿرو ماحول وغيره شامل آهن. انهن سڀني مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ سو اوڻهتر ٽارگيٽ ۽ ٻه سو چوئيتاليهه انڊيڪيٽر پڻ مقرر ڪيا ويا آهن مطلب ته پائيدار ترقي لاءِ هڪ مڪمل ۽ جامع ڍانچو يا دستاويز تيار ڪيو ويو آهي ته جيئن هر ملڪ پنهنجي حالتن، مشڪلاتن، مسئلن ۽ معاشي وسيلن پٽاندر ترقي جا مقصد طئي ڪري ۽ انهي تي بهتر انداز ۾ عملدرآمد ڪري سگهي ته جيئن دنيا ۾ امن، انصاف ۽ برابري قائم ڪري سگهجي.

سنڌ حڪومت پنهنجي موجوده حالتن، مسئلن ۽ وسيلن کي مدنظر رکندي ڇهه مقصد جنهن ۾ تعليم، صحت، صاف پاڻي ۽ صفائي، سستي ۽ صاف توانائي، بک جو خاتمو ۽ آخري مقصد مهذب ڪم ۽ اقتصادي ترقي پنهنجي ترجيحات ۾ شامل ڪيا آهن. سنڌ حڪومت انهن ڇهن مقصدن جي حاصلات لاءِ منصوبابندي ۽ ترقي واري کاتي اندر هڪ يونٽ پڻ جوڙيو آهي جيڪو پائيدار ترقي جي انهن ڇهن مقصدن سان لاڳاپيل اسڪيمن ۽ انهن تي آيل خرچن جو حساب ڪتاب ۽ اهڙين اسڪيمن جي سارسنڀال لهڻ ۽ رپوٽنگ ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي.

پائيدار ترقي ڪرڻ لاءِ نه صرف مقامي سماجي تنظيمن سان، ڪاروباري برادري سان، مقامي ماڻهن جي سهڪار جي ضرورت پوندي پر مقامي حڪومتن کي بغير شامل ڪرڻ جي اهو ڪم ممڪن نٿو ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته مقامي حڪومتن جو عوامي خدمتن، ڳوٺن ۽ شهرن جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي. مقامي سطح تي چونڊيل عوام جي نمائندن کي پنهنجي علائقي جي مسئلن جي بهتر ڄاڻ هوندي آهي ۽ عوام جو سڌي طرح رابطو مقامي چونڊيل نمائندن سان هوندو آهي. تعليم، صحت، ماحولياتي ترقي، روڊ رستا، صاف پاڻي جو انتظام وغيره مقامي چونڊيل نمائندن جي ذميواري هوندي آهي تنهن ڪري پائيدار ترقي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مقامي حڪومتن جي شموليت لازم آهي. ان ڏس ۾ مقامي حڪومتن جا نمائندا ڳوٺن ۽ شهرن جي ترقي لاءِ بهتر پلاننگ ڪري سگهن ٿا، انساني ۽ مالي وسيلن جو ضرورت پٽاندر استعمال ڪري بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهن ٿا. پائيدار ترقي تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي جڏهن عوام جي نمائندن کي انهي سڄي عمل ۾ متحرڪ ڪجي، سندن تربيت جو مناسب انتظام ڪجي ۽ تجرباتي بنيادن تي ننڍيون ننڍيون اسڪيمون جوڙي عوامي مسئلن جو حل تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ته جيئن پائيدار ترقي جا مقصد حاصل ٿي سگهن ۽ سنڌ مان بک ۽ بدحالي جو خاتمو ٿي سگهي. معياري تعليم هر ٻار تائين پهچائي سگهجي ۽ صحت جون بنيادي سهولتون هر شهري کي ميسر هجن تڏهن ئي سنڌ پائيدار جي واٽ تي اڳڀري ٿي سگهندي.