مفت ڪيمپ ۾ غلط سرجري سبب 11 ٻارن جي حالت خراب

0
198
مفت ڪيمپ ۾ غلط سرجري

مٺي: مٺي جي خانگي اسپتال ۾ لڳايل مفت ڪئمپ تي مبينا غلط آپريشن سبب 11 ٻارن جي حالت خراب ٿي وئي

مفت ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ٻارن جي طهر جا آپريشن ڪيا ويا هئا، علاج نه ملڻ ڪري 11 مريض ٻارن کي مٺي سول اسپتال مٺي منتقل ڪيو ويو

ايم ايس ڊاڪٽر زاهد موجب مٺي سول اسپتال ۾ 11 اهڙا ٻارڙا آندا ويا آھن جن جو طهر جي سرجري بعد ڦٽ خراب ٿي ويو آھي، ٻارن جي نازڪ عضوي جو زخم انتهائي خراب ٿي ويو آھي اسان سندن علاج لاء ڪوششن ۾ آھيون