اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي گاڏي کي ٽڪر هڻندڙ ڪار تي تيز رفتاري سبب 13 چالان رهيل آهن. جاچ موجب ڊبل ڪيبن گاڏي جو تيز رفتاري تي 13هون چالان 13 اپريل 2023 ۾ ٿيو هو. تيز رفتاري سبب ئي ڊرائيور گاڏي تي ضابطو نه رکي سگهيو ۽ حادثي ۾ وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور لاڏاڻو ڪري ويو.