ڪراچي (م ڊ) ناليواري مذهبي اڳواڻ مفتي تقي عثماني وياجي نظام جي خاتمي واري فيصلي کي چيلنج ڪندڙ  بينڪن جي بائيڪاٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هڪ ڀيرو وري اسٽيٽ بينڪ ۽ چئن ٻين بينڪن وياج واري نظام کي جاري رکڻ ۽ ٽن اعليٰ عدالتن جي فيصلن کي رولڙي ۾ رکڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي آهي حالانڪه وياج وارو نظام ختم ڪڻ لاءِ حڪومت کي پنجن سالن جي ڊگهي مهلت ڏني وئي هئي هاڻ مسلمان انهن وياجي بينڪن جو بائيڪاٽ ڪن.