لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل کي واپارين کان بجلي جي بل  ۾ فڪسڊ ٽيڪس واپس وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو ته مفتاح ڀاءَ بجلي جي بل تي ٽيڪس واپس وٺو، واپاري ڀائر پريشان آهن ۽ دانهون ڪري رهيا آهن. هن اميد جو اظهار ڪيو ته توهان ڪو حل ڪڍي وٺندا.  واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ واپاري بجلي بلن ۾ فڪسڊ ٽيڪس وصولي خلاف سراپا احتجاج آهن ۽ انهن بجلي جا بل جمع نه ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.