ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار قادر مندوخيل جي ڪاميابي کي نواز ليگ جي اميدوار مفتاح اسماعيل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قائم ٿيل اليڪشن ٽربيونل ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو. مفتاح اسماعيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته قادر مندوخيل کي ڌانڌلي ذريعي اين اي 249 تان ڪامياب ڪرايو ويو، منهنجن رد ٿيل ووٽن جو انگ 900 ۽ قادر مندوخيل جي رد ٿيل ووٽن جو انگ 500 کان وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي جنهن جا ووٽ وڌيڪ هوندا آهن، رد به انهي جا وڌيڪ ٿيندا آهن، مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته پرزائڊنگ آفيسرن جي غلطي پڻ اميدوار جي حصي ۾ وڌي وئي، پيپلز پارٽي پاران چونڊ کان اڳ تڪ ۾ ترقياتي منصوبن جو اعلان به ڌانڌلي جي ذمري ۾ اچي ٿو، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته اين اي 249 تي ڪامياب قادر مندوخيل جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.