اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪمرانن جي نيب مان 150 ڪرپشن جا ريفرنس ختم ٿيڻ واري مامري کي انشاءَ الله سپريم ڪورٽ بحال ڪندي، نيب قانون ۾ ڪيل ترميمون ڪالعدم قرار ڏنيون وينديون، هڪ ڪروڙ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملندو، 70 رڪني ڪابينا جو تعداد آئين جي خلاف آهي، جنهن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ ويندس، پي ڊي ايم پنهنجي انجام تي پهچي وئي آهي، اقتصادي بحران انتهائي سنگين ٿي ويو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم قوم کي مهانگائي جي سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي، مهانگائي جا تمام رڪارڊ ٽٽي ويا آهن، هن چيو ته حڪومت کي 3 ڏينهن کان پيٽرول مافيا پيٽرول مصنوعات جون قيمتون گهٽ ڪرڻ نه ڏئي رهي آهي، مفاهمت يا مزاحمت ان جو فيصلو ٿيڻ وارو آهي، وزير پنهنجي تڪن ۾ ئي نه ٿا وڃي سگهن، بلاول پاڪستان ۾ بطور مهمان اداڪار ايندو آهي، 21 وزير بنا قلمدان جي آهن.