ڄام نواز علي: پوليس موجب جيئن ئي واقعي جو اطلاع مليو ته واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي لاشن کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو. پوليس موجب قتل ڪارنهن جي الزام هيٺ ٿيو آهي ڪيس داخل ڪيو آهي. وڌيڪ جاچ لاءِ ڳوٺ مجنون مگسي تي ڇاپو هنيو آهي قتل ڪيس ۽ اغوا ۾ ملوث چار ڄڻا گرفتار ڪيا آهن. ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون. مغوي جي بازيابي لاءِ ڪوششون وٺون پيا، جلد کيس بازياب ڪرائينداسين.