هنگو(م ڊ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته معاشي حالتون بهتر نه ٿيون ته چونڊن  ۾ دير ٿي سگهي ٿي. هنگو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ حمدالله چيو ته معاشي حالتون ٺيڪ نه ٿيون ته چونڊن ۾ 6 مهينا ملتوي ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته شيڊول موجب عام چونڊون آڪٽوبر 2023ع ۾ ٿينديون. هن پي ٽي آءِ چيئرمين تي تنقيد ڪندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ملڪ کي معاشي طور تباهه ڪري ڇڏيو، هو ويندي ويندي پاڪستان جا معاشي طور هٿ پير ٻڌي ويو، آئين ۽ اسيمبلين کي ٽوڙڻ آمرن جو ڪم آهي. حافظ حمدالله چيو ته پاناما کي بهانو  بڻائي نواز شريف کي نااهل ڪري هڪ نئين سياسي ڇڪتاڻ پيدا ڪئي وئي ۽ پي ٽي آءِ کي زور زبردستي مڙهيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم بي اعتمادي واري رٿ ذريعي حڪومت ختم ڪئي.