معيشت جي حساس حالت ۽ اقتداري ڌرين جي رڌڻي ۾ رولو

0
343
عمران خان سياسي سرشتي ۾ جاءِ ٺاهي سگهندو؟

ايشيا جي هن خطي ۾ جتي پاڪستان آهي، هڪ وڏي اُٿل پٿل چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هلندڙ نئين سرد جنگ ۽ ڪاروباري چٽاڀيٽي سبب چوٽ تي چڙهيل هئي. مٿان وري افغانستان ۾ طالبان حڪومت ٺهڻ هيڪاري صورتحال کي نئون رخ ڏئي ڇڏيو آهي. انهن معاملن تي ملڪن توڙي انهن ۾ موجود لابين ۽ طبقن جي وچ ۾ نيون صف بنديون ٿي رهيون آهن،خطي جا سمورا ملڪ ۽ انهن جا پاليسي ساز ادارا ايندڙ وقت ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪي مفادن جي بچاءَ ۽ پنهنجا فائدا ڳولڻ لاءِ پنهنجون سموريون توانايون خرچ ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته هن بدلجندڙ صورتحال ۾ صحيح فيصلو واسطيدار ملڪ ۽ قوم کي معاشي توڙي سياسي حوالي سان گهڻو اڳتي وٺي ويندو. پر ڪو غلط فيصلو يا معمولي غلطي، ايترو پوئتي ڌڪي ڇڏيندي جو ان کي پيرين ڀر ٿيڻ لاءِ شايد ڪئي ڏهاڪا،وڏي محنت ۽ قربانيون گهربل هونديون.

پاڪستان طالبان حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. ان ۾ جتي پاڪستان جي “دفاعي حڪمت عملي واري گهرائي” وارو تصور پنهنجي جاءِ تي پر ان کان وڌيڪ اهم اهو آهي جو نار وارين رياستن ۽ سعودي عرب جي به اها ئي فرمائش آهي. جتي طالبان کي انهن تيل وارن شاهوڪار ملڪن جي پُٺ حاصل آهي.

طالبان جي افغانستان ۾ اچڻ چين، آمريڪا ۾ هلندڙ نئين سرد جنگ ۾ چين کي فائدو ڏنو، ڇاڪاڻ جو افغانستان جا سمورا سڌا پاڙيسري ملڪ ايران ۽ روس سميت چاهين ٿا ته في الحال طالبان کي پنهنجو دور پورو ڪرڻ ڏنو وڃي. چين به اهو چاهي ٿو. جڏهن پاڪستان ته ان تي عمل ڪري رهيو آهي. اهڙي ريت هڪ دائرو اهو آهي جنهن ۾ افغانستان جا پاڙيسري ملڪ گڏ آهن. ويجهي تاريخ م اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو نار وارن ملڪن توڙي سعودي عرب جو ڪنهن معاملي تي ساڳيو موقف بيٺو هجي، جيڪو ايران جو آهي. ايراني فوج جو سربراهه پاڪستان جي دوري تي آيو جنهن وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان ملاقات ڪئي. ٻيو دائرو اهو آهي جيڪو چين جي خلاف بيٺل آهي. جنهن ۾ آمريڪا جي اڳواڻي ۾ سعودي عرب ۽ نار وارا ملڪ شامل آهن. ايران ۽ آمريڪا جي مخالفت  هڪ ٽيون دائرو آهي، جيڪو کڻي ننڍو ئي سهي پر اهم آهي.

پاڪستان بدليل حالتن ۾ اڃان سوڌو اهو طئي نه ڪري سگھيو آهي ته هو چين ۽ آمريڪا جي جنگ ۾ ڪنهن جو  پاسو کڻي. في الحال هو ٻئي ڪلها  هلي پيو. جيڪڏهن طالبان ڪابل فتح نه ڪن ها ته شايد  پاڪستان تي سخت دٻاءُ پوي ها ته هو فوري طور فيصلو ڪري. هن وقت به سي پيڪ جي حوالي سان ملندڙ جلندڙ  خبرون اچن پيون.ڪن جو چوڻ آهي ته سي پيڪ واري ڪم جو هيڊڪوارٽر گوادر کان تبديل ڪري ڪراچي ڪيو پيو وڃي. اهو به چيو پيو وڃي ته گوادر واري پاسي ماڳهين مهيني کن کان ڪم بند آهي. اهي به خبرون هلن پيون ته ڪراچي ۾ متبادل ٺاهيو پيو وڃي. بهرحال طالبان جي افغانستان ۾ اچڻ پاڪستان ۽ چين ٻنهي جي طرف في الحال ٿوري بهتر پوزيشن ڪري ڇڏي آهي ته اهي ٻئي سڌي طرح گهڻي آمريڪي دٻاءُ ۾ نه اچن. پر هرڪو ڄاڻي ٿو ته اهو سڀ عارضي ۽ هٿرادو آهي، جيڪو گھڻو وقت هلي ڪونه سگهندو. آمريڪا ۽ ان جا اتحادي جڏهن عمل ڪرڻ شروع ڪندا ته پاڪستان کي ان جي موجوده پاليسين سان رستو ڪونه ڏيندا، گهمي ڦري اها سوڙهه پيدا ٿيڻي آهي.

پاڪستان جي معيشت کي وڏي هٿي سمنڊ پار رهندڙ پاڪستانين جي پنهنجي ڪٽنبن لاءِ موڪليل پئسي ۽ سعودي عرب کان اوڌر تي ملندڙ تيل جي ڪري آهي. جيڪڏهن انهن ٻنهي رقمن کي پاسيرو  ڪيو وڃي ته پاڪستان جي پرڏيهي  ناڻي جو ذخيرو صفا گھٽجي ويندو ۽ ڊالر جي قيمت گھڻو چڙهي ويندي، نتيجي ۾ سموريون شيون مهانگيون ٿي وينديون. پاڪستاني سڪي جي قيمت گھڻو گھٽجي ويندي. پاڪستان ڪنهن به طرح پنهنجون نه امپورٽ گھٽائي سگھيو آهي ۽ نه وري ايڪسپورٽ وڌائي سگھيو آهي. نتيجي ۾ هر مهيني ۾ پرڏيهي واپار سبب جيڪو فرق بيهي ٿو، اهو هر مهيني جو نقصان آهي، جنهن جي پورت اوڌر واري تيل ۽ سمنڊ پار رهندڙ پاڪستانين کان ملندڙ رقم سان ڪئي پئي ڃي. ملڪي معيشت جو ڦيٿو صفا نه پيو ڦري. اهو گھمي ڦري چند بنيادي شعبن يعني سروس سيڪٽر يا وري کاڌ خوراڪ وارين شين تائين محدود آهي. پر ڪنهن به معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي مينيوفيڪچرنگ سيڪٽر هوندو آهي. يا اهڙيون Value added شيون، جيڪي ايڪسپورٽ ٿي سگھن. هي حساس معاشي  صورتحال آهي.

خطي جي اهڙي صورتحال ۽ معيشت جي حساس حالت ۾ مٿان وري اقتداري ڌرين جي رڌڻي ۾ رولو پئجي ويو آهي. ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري تي اختلاف سامهون اچي ويا، هر ڀيري سياسي حڪومت طرفان مختلف موقف سامهون آيا. ڊي جي آءِ ايس آءِ جيڪو قانون مطابق وزيراعظم جي ماتحت اچي ٿو ۽ ان کي ئي مقرري ڪرڻي آهي. ان جي منظُوري کان اڳ فوج جي  ميڊيا ونگ پريس رليز جاري ڪري ڇڏي پوءِ جڏهن بيان آيا ته خبرون آيون ته جرنلن جي نالي واري سمري وزيراعظم کي موڪلي وئي آهي. وري ميڊيا ۾ اهي خبرون به آيون ته وزيراعظم انهن ٽنهي جو انٽرويو وٺندو. ان بابت سڌ سماءُ واري وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وزراعظم جي نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ملاقات رسمي آهي يا هڪ روايت آهي. بهرحال اهو پهريون ڀيرو ايئن ٿيو آهي جو وزيراعظم اهڙن معاملن ۾ ايئن اختلاف ڏيکاريو آهي. ان ڏس ۾ جيڪي به وضاحتون اچن ٿيون انهن ۾ ڪا نه ڪا شيءَ کٽل آهي. چوڌري فواد چوي ٿو ته سمورا معاملا درست آهن. سڀ هڪ پيج تي آهن. ڪجهه معاملن تي اختلاف آهن، جن کي ٽيڪنيڪل يا طريقي ڪار جو نالو ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن   اهي به آهن ته انهن جو سامهون اچڻ خود سواليه نشان آهي. في الحال ته اهو  مونجھارو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان سلجهي ويو پر ان سموري عمل ۾ مختلف هنڌن تي جيڪا وٿي پيدا ٿي  جيڪي اختلاف سامهون آيا تنهن بدمزگي کان ڳالهه اڳتي نڪري چڪي آهي. جيئن جيئن وقت گذرندو ان جا اثر پوڻ شروع ٿيندا. جن شين کي طريقيڪار جو نالو ڏنو ويو آهي ان جي پويان موجود حقيقتون ۽ حڪمت عمليون به سامهون  اينديون، مون کي هڪ دوست جو چيل جملو ياد اچي ٿو جنهن عمران خان جي وزيراعظم ٿيڻ ۽ اپوزيشن طرفان کيس سليڪٽيڊ چوڻ شروع ڪيو ويو هو، هن دوست چيو هو ته معاملو اڳتي وڌڻ ڏيو، حڪومت هلائڻ خود سياسي عمل آهي. ان ڪري عمران خان کڻي واڳ ڌڻين جو ڪيترو به من پسند ماڻهو آهي ۽ هجي، ان کي سياسي ٿيڻو پوندو ۽ سياسي طور عمل ڪرڻو پوندو، خبر ناهي ته وزيراعظم جي هن عمل کي صحيح معنائن ۾ سياسي عمل چئي به سگھجي ٿو؟ جڏهن به ڪنهن سياسي حڪومت سان اهڙي صورتحال ٿيندي ته اها ايئن ئي رد عمل ڏيندي. ته ڏسجي اهڙي رد عمل بعد ڪنهن سان ڇا ٿو ٿئي؟