اسلام آباد (بيورو رپورٽ) رٿابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي جهڙا وڏا چيلينج سامهون آهن، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس جي دوري دوران مستقبل ۾معاشي بهتري جي لاءِ 5 نقاطي پاليسي جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان حڪومت سنڀالي ته ٻڌايو ويو ته ترقياتي بجيٽ جي لاءِفنڊ نه آهن، اسان کي ملڪ جي معيشت کي هر صورت ۾ بچائڻو آهي، دوست ملڪن جي امداد ۽ قرضن تي وڌيڪ دير نه ٿا هلي سگهون، آءِ ايم ايف ۽ ٻين ملڪن تي دارومدار گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا، اسان کي هر صورت ۾ ملڪ جي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻو پوندو، هن چيو ته معيشت جي مستقل بحالي جو واحد رستو ايڪسپورٽ ۽ سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي،حڪومت کي نجي ادارن ۽ تحقيقي ادارن جي تعاون سان نيون منڊيون ڳولهڻ گهرجن، 75 سالن ۾ اسان ڊالر خرچ ڪرڻ سکيا آهن پر ڪمائڻ نه سکيا آهن، هن چيو ته زرعي نظام ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پيداواري صلاحيت وڌائي سگهجي ٿي، زرعي پيداوار وڌائي اربين ڊالرن جو مٽا سٽا جو ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، اسان کي ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي استحڪام آڻڻو پوندو، معاشي استحڪام جي لاءِ سياسي استحڪام آڻڻ ضروري آهي، هن چيو ته ڪوشش آهي ته پٺتي پيل طبقي تي مهانگائي جو گهٽ بار پوي، گذريل حڪومت جي معاهدن سبب اسان کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.