معمولي رقم نه ڏيڻ تي بلڊر11 ڪروڙ جي عمارت ڊاهي ڇڏي

0
232

لنڊن(دلچسپ نيوز) معمولي رقم نه ڏيڻ تي بلڊر11 ڪروڙ جي عمارت ڊاهي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب لنڊن ۾ هڪ عمارت جو سودو 11 ڪروڙ 10 لک رپين ۾ ڪيو ويو، جي ڪرجي نالي شهري بلڊر کي 11 ڪروڙ 2 لک 23 هزار رپيا ادا ڪري ڇڏيا ۽ کيس قبضو ڏنو ويو جڏهن ته رهيل رقم جي ادائيگي لاءِ وقت مقرر ڪيو ويو بعد ۾ بلڊر ۽ مالڪ وچ۾ رقم جي ادائيگي تي تڪرار پيدا ٿي ويو جنهن بعد خريدار رهيل 7 لک 77 هزار مقرر وقت تائين بلڊر کي ادا نه ڪيا، بلڊر بقايا رقم نه ملڻ ته مالڪ جي نئين تعمير ٿيل عمارت ڊاهي ڇڏي. ان حوالي سان جي ڪرجي پوليس وٽ رپورٽ داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته مون ليسٽر جي اسٽوني گيٽ وٽ زبون ٿيل عمارت ورتي هئي جنهن بعد ان جي ٻيهر تعمير ڪرائي هن چيو ته بلڊر سان 7 لک تي تڪرارهلي رهيو هو هن انتقامي ڪارروئي ڪئي آهي.