لاڙڪاڻو( بيورو رپورٽ) جميعت علماءِ اسلام ضلعي لاڙڪاڻي جي امير مولانا ناصر خالد محمود سومرو چيو آهي ته ايم پي اي لاڙڪاڻو معظم علي عباسي شهر جي عوام جي حقن جي خاطر ڪرسي کي قربان ڪري ڇڏيو جنھن تي اسين کيس خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته معظم علي عباسي ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي خاطر، لاڙڪاڻي جي تعمير و ترقيءَ ۾ ناڪامي ۽ حڪومت جي نااهليءَ تي جيڪو احتجاجي طور پنھنجي ايم پي اي واري عھدي تان استعيفا ڏني آهي اھو عمل خراج تحسين جي لائق آھي ڇاڪاڻ سنڌ حڪومت لاڙڪاڻي کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ھلندڙ برساتون سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ جو اکين ڏٺو ثبوت آهن. معظم علي خان عباسي تي ٻه ڀيرا لاڙڪاڻي جي عوام اعتماد ڪيو ۽ انھن ڀرپور انداز ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اندر لاڙڪاڻي جو ڪيس وڙھيو. ھڪ چونڊيل نمائندي کي نظرانداز ڪري سياسي سيڪريٽري جي ذريعي لاڙڪاڻي کي ھلائڻ عوام جي اعتماد تي ڌاڙو هڻڻ جي برابر هو. هن چيو ته معظم علي خان عباسي عوام جي ڏکئي وقت ۽ حالت ۾ ڪرسيءَ کي لت هڻي اھو ثابت ڪري ڇڏيو ته جيڪڏهن سرڪاري سطح تي عوام جا مسئلا حل نٿو ڪري سگھان ته بغير عھدي جي پنھنجي وس آھر عوام جي خدمت ڪندس ۽ اسين معظم علي خان عباسيءَ جي فيصلي تي ساڻس گڏ بيٺا آھيون.