لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو ايم پي اي معظم عباسي جي استعيفا ڏيڻ واري معاملي کان پوءِ رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته معظم عباسي طرفان ڏنل استعيفا ناڪامي جو اعتراف آهي، جيڪڏھن عوام کي ڪجھه نه پيو ڏئي سگهي ته ھن مشڪل گهڙي ۾عوام سان ملي ھا اليڪشن ۾ جيڪڏهن 3 سال ھجن ھا ته ڪڏهن نه استعيفا ڏي ھا اليڪشنن ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ وارو ماڻهو پنهنجي تڪ ۾ راشن تي لک نه پيو خرچ ڪري سگهي، معظم عباسي کي مڪاني چونڊن ۾ بدترين شڪست ملڻ تي استعيفا ڏيڻ گهرجي ها استعيفا جو ڊرامو فلاپ ٿي ويو جنهن کي لاڙڪاڻي جو عوام پوري طرح ڄاڻي ٿو ڪورونا ھجي يا برسات مشڪل وقت ۾ پيپلزپارٽي قيادت عوام سان گڏ ھوندي آھي پاڪستان پيپلزپارٽي عوام سان ساٿ نڀائيندي