اسلام آباد: سينيٽ ۾ رڪنيت معطل هجڻ باوجود پي ٽي آءِ ميمبر بل منظور ڪرائي ورتو، بل جي منظوري کان پوءِ سينيٽ چيئرمين کي سيڪريٽري سينيٽ ٻڌايو ته ايوان ۾ اسٽيٽ بينڪ ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پيش  ڪندڙ محسن عزيز جي رڪينت اثاثا جمع نه ڪرائڻ سبب اليڪشن ڪميشن پاران معطل ڪئي وئي آهي، جنهن تي بل جي منظوري کان پوءِ سينيٽ چيئرمين محسن عزيز ۽ اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ سبب رڪنيت معطل هجڻ باوجود ايوان ۾ موجود محسن عزيز کي ايوان مان ٻاهر وڃڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته رڪنيت معطل هجڻ باوجود ڪالهه اجلاس ۾ پي ٽي آءِ سينيٽر شوڪت ترين، عون عباس شرڪت به ڪئي ۽ بل جي حق ۾ ووٽ به ڏنو، پر بل جي منطوري وقت سينيٽ سيڪريٽريٽ اهڙي نشاندهي نه ڪئي.